22 پیر , اکتوبر 2018

العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز: نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيش

The caretaker government responded to the letter of Shahbaz Sharif for providing support to Nawaz Sharifراولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ۾احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنسز ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. احتساب عدالت نمبر 2 جي جج ارشد ملڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر محبوب عالم ۽ جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کي ٻئي ڏينهن طلب ڪري ورتو. عدالت نواز شريف کي ٻئي ڏينهن ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران نواز شريف کي اڊيالا جيل مان سخت سڪيورٽي ڪڙي سان گڏ بڪتر بند گاڏي ۾ احتسبا عدالت اندر آندو ويو. ان موقعي تي جوڊيشل ڪمپليڪس جي چوڌاري سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. ڪمپليڪس جي اڱڻ ۾ موبائيل فون کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي جڏهن ته نواز شريف جي روٽ تي 200 کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے