20 منگل , نومبر 2018

تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ قاسم سوري کي نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ قاسم سوري کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قاسم سوري چيو ته مان ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ تي عمران خان جو ٿورائتو آهيان، تحريڪ انصاف چيئرمين بلوچستان جي ماڻهن مان محروميون ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪنداسين ۽ صوبي کي قومي ڌاري ۾ آڻينداسين. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عمران خان ۽ اسان جي ٽيم فوڪسڊ آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اسد قيصر کي نامزد ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Faiz Ahmed Faiz 34th Death Anniversary

انقلاب جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (رپورٽ ايس ايس ) انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے