15 جمعرات , نومبر 2018

تڪراري چونڊن خلاف ايوان ۾ ۽ ٻاهر ڀرپور آواز اٿارينداسين: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ تاريخ جي تڪراري چونڊن خلاف ايوان اندر توڙي ٻاهر ڀرپور آواز اٿارينداسين. اسلام آباد ۾ ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته ايوان ۾ 2018ع جي ڌانڌلي کي تحفظ ڏيڻ نه پر جمهوريت جي تحفظ لاءِ آيا آهيون. سندس چوڻ هو ته 25 جولاءِ تي تاريخ جون سڀ کان تڪراري چونڊون ٿيون، ان رات ئي چونڊن کي رد ڪيو ويو هو، تڪراري چونڊن خلاف ايوان ۾ ۽ ٻاهر آواز اٿارينداسين، اسان اهو ڪردار ادا ڪنداسين، جنهن لاءِ عوام چونڊيو آهي. هن چيو ته ڌانڌلي جو پتو لڳائڻ ۽ پارلياماني ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪنداسين، فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو به مطالبو ڪيو ويندو، وزيراعظم جي چونڊ ڊويزن سان ٿيندي، جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري سان ٿيندي، سڀني ميمبرن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پارٽي جي چوڻ تي ئي ووٽ ڏين، ليڊر شپ ۽ عوام کي توهان مان اها ئي اميد آهي. شهباز شريف چيو ته اسان جو قائد احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جهڙي ريت نواز شريف کي بڪتر بند گاڏي ۾ آندو ويو لکين ماڻهو سڪتي ۾ آهن، ڇا نواز شريف جي خدمتن جو اهو انجام آهي؟ ڇا ملڪ کي اونداهين مان ڪڍندڙ نواز شريف اهڙي ورتاءَ جو حقدار آهي؟. سندس چوڻ هو ته وقت سدائين هڪ جهڙو ناهي رهندو، نواز شريف سان ائين نه ڪيو، ڇو ته وقت تبديل ٿيڻ ۾ دير ناهي لڳندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايس پي داوڙ قتل ڪيس: ڪي پي حڪومت کي اسلام آباد پوليس سان سهڪار جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ايس پي طهار داوڙ جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے