18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڪشمور: شاگردن ۽ ٻين پاران سماجي تنظيم سيف خلاف احتجاجي ڌرڻو

Kashmor: The protest against the anti-social organization by the students and othersڪشمور ۾ شاگردن ۽ ٻين پاران سماجي تنظيم سيف خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

انڊس هاءِ وي سماجي اڳواڻ عبدالنبي بروهي جي اڳواڻي ۾ شاگردن ۽ سندن والدين سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته سماجي تنظيم سيف پبلڪ اسڪول جي ليڊي ٽيچرز کي 6 مهينن کان پگهارون ناهن ڏنيون ۽ جشن آزاد جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ اسڪول انتظاميه کي به خرچ ناهي ڏنو، اهڙي عمل خلاف هو احتجاج ڪري رهيا آهن.

هنن چيوته سيف جي انتظام هيٺ هلندڙ  اسڪول ۾ استاد پگهارن کان محروم آهن، ۽ اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتون به ناهن، جنهن سبب 9 ماسترياڻيون اسڪول ڇڏي ويون آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پبلڪ اسڪول کي مڪمل سهولتون ڏيارين…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے