15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ٺٽو: زنده قومون پنهنجو آزادي ڏهاڙو ملهائينديون آهن: ڊي سي شهزاد افضل

Thatta: The living nations celebrate their Independence: D.C. Shahzad Afzalڊي سي ٺٽي شهزاد افضل عباسي چيو آهي ته زنده قومون پنهنجو آزاديءَ جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ ولولي سان ملهائينديون آهن، اڄ سڄي ضلعي ۾ 71هون آزادي جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

جشن آزادي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي شهزاد افضل چيو ته وطن عزيز کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏڙن انيڪ قربانيون ڏنيون ۽ اڻ ٿڪ جدوجھد بعد پاڪستان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو.

تعليم کاتي جي عملدارن تي زور ڀريندي ڊي سي چيو ته اڄ جشن آزادي جي ڏينهن تي هو پختو عزم ڪن ته ضلعي ٺٽي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيدگي سان جدوجھد ڪندا.

سندس چوڻ هو ته سڀني کي پاڪستان جي قومي ڏينهن تي عهد ڪرڻو پوندو ته ملڪ جي سالميت، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ گڏجي جدوجھد ڪريون…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے