16 جمعہ , نومبر 2018

قومي ڪرڪيٽرن جا آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان خاص پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جو 71هون جنم ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، جتي هر پاسي جشن ۾ عوام ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي، اتي وري قومي ڪرڪيٽر به ميدان تي اچي ويا آهن، جن سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغامن ذريعي ملڪ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ان ڏس ۾ اڳوڻي فاسٽ بالر وسيم اڪرم پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ قوم کي آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته اڄ اسان رڳو تاريخ کي ئي عزت نه بخشي رهيا آهيون پر قوم جي حيثيت سان پنهنجي مستقبل جو جشن ملهائي رهيا آهيون. اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته اچو آزادي ڏهاڙي تي گڏجي عهد ڪيون ته اسان سڀ هن ملڪ کي سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، آزادي هڪ نعمت آهي ان جو قدر ڪيو، پاڪستان زندهه آباد!. اڳوڻي ڪرڪيٽر وقار يونس پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو ته سمورن دوستن ۽ پاڪستانين کي 14 آگسٽ جي آزادي ۽ 2018 جي تبديلي جون مبارڪون هجن. آل رائونڊر محمد حفيظ پنهنجي ٻارن سان گڏ ٽوئيٽر تي تصوير جاري ڪئي ۽ آزادي جي مبارڪ پيش ڪندي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو به هنيو. اوپننگ بيٽسمين فخر زمان سموري قوم جي دل جي گهراين سان آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏني. آل رائونڊر عماد وسيم به پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هڻندي قوم کي آزادي جي مبارڪ ڏني. فاسٽ بالر حسن علي پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ سڀني کي آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏني ۽ پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

New Zealand opt to bat against Pakistan in Abu Dhabi Test

ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالرن جو راڄ نيوزيلينڊ جي ٽيم 153رنسن تي ڍير

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ٽن ٽيسٽ ميچن جي سريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے