15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي: 71 هين آزادي ڏهاڙي تي مختلف هنڌن تي رنگا رنگي تقريبون

Kotri: Colorful 71th Independence Day at different placesڪوٽڙي ۾ سڄي ملڪ جيان 71 هون آزادي واري ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ مختلف رنگا رنگي تقريبون  ڪوٺايون ويون.

 شهر جي مختلف اسڪولن ۾ جشن آزادي جا پروگرام منعقد ڪيا ويا.

 ڄامشوري ضلعي  ۾ جشن آزادي جي مک تقريب گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي ۾ منعقد ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو محترمه شازيه قاضي تقريب جي خاص مهمان هئي، جڏهن ته تقريب ۾ايس ايس پي ڄامشورو بشيراحمد  بروهي، اي ڊي سي ون شاهزيب شيخ،اي ايس پي ڪوٽڙي سهائي ٽالپر کان سواءِ ضلعي جي ٻين عملدارن،استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي مردن۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 تقريب جي شروعات قومي تراني سان ڪري قومي جهنڊو ڦڙڪايو، جنهن  کانپوءِ تلاوت ۽  نعت پڙهڻ کانپوءِ  ملڪي سلامتي  ۽ استحڪام لاءِ دعا سان ڪئي وئي.

 ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊي سي ڄامشورو  محترمه شازيه قاضي چيو ته سندن ملڪ وڏين قربانين کان پوءِ آزاد ٿي مليو آهي جنهن جو سڄو ڪريڊٽ قائداعظم محمد علي جناح ڏانهن وڃي ٿو.

هن ملڪ ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف ويڙھ ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ، رينجرز ۽ پوليس جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان امن پسند ڌرتي آهي، جنهن ۾ دهشتگرد ۽ انتها پسندن جي ڪا به جاءِ نه آهي.

تقريب ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين  حمد، نعت، قومي گيت، ٽيبلوز، تقريرون پيش ڪيون.

 ان کان اڳ معزز مهمانن کي سنڌ جو عظيم تحفو اجرڪ پارايا ويا، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو محترمه شازيه قاضي ۽ ايس ايس پي ڄامشورو بشير احمد  بروهي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج جي اڱڻ ۾ ٻوٽا پوکي چوماسي جي وڻڪاري مهم جو افتتاح پڻ ڪيو.

ڊي سي ڄامشورو محترم شازيه قاضي سنڌ يونيورسٽي جي تقريب ۾ شرڪت بعد خصوصي ٻارڙن جي مرڪز جودورو ڪري ٻارڙن ۾ مٺائي ورهائي  تحفا ورهايا…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏهرڪي: نصاب جاڪتاب ٻارن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

*ڏهرڪي ۾ نصاب جا ڪتاب شاگردن ۾ ورهائڻ بدران گودام ۾ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے