18 اتوار , نومبر 2018

آزادي ڏهاڙو: سياستدانن جا قوم لاءِ خاص پيغام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 71هين جنم ڏينهن جي موقعي تي سياستدانن طرفان خاص پيغام جاري ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان ملڪ جي ايندڙ امڪاني وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي هڪ تصوير جاري ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن آزادي تي منهنجي دل ۾ اميد جو هڪ عظيم ڏيئو روشن آهي، مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان ٻڌي برقرار رکي ته منزل ماڻينداسين ۽ پاڪستان قائد ۽ اقبال جي خوبن جي تعبير بڻجندو. ن ليگ صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان جمهوريت ذريعي پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي ڏياري سگهون ٿا، دعا آهي ته ملڪ حقيقت معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي رياست بڻجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ هر پاڪستاني جشن ملهائي رهيو آهي، خوشحالي، امن ۽ برابري لاءِ ڏکيو ۽ ڊگهو سفر ٻيو آهي پر هن وقت گڏجي پاڪستان جو جشن ملهايو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ٽوئيٽر تي هڪ تصوير جاري ڪئي. هن عوام لاءِ احمد نديم قاسمي جو هڪ مصرعو به شيئر ڪيو ته ”خدا ڪري ڪي ميري عرض پاڪ په اُتري، وه فصل گل جسي انديشه زوال نه هو“. اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان کي جمهوري، ترقي پسند ۽ فلاحي رياست بڻائينداسين، قوم کي خوف مان نڪرڻو پوندو. ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ وفا جو عهد ڪرڻ وارو ڏينهن آهي، اسان کي گڏجي عهد ڪرڻو آهي ته پاڪستان مان ناانصافي، جهالت، غربت، انتهاپسندي ۽ هر قسم جي استحصال جي بتن کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏينداسين. تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر پاڪستاني عوام کي آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏيندي چيو ته هيءَ سالگرهه اهڙي ماحول ۾ ملهائي پئي وڃي، جڏهن پاڪستاني پراميد نظر اچي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے