13 منگل , نومبر 2018

نيوز: قمبر: پاڪستان جي 71هين سالگرهه ملهائي وئي

Qambar: 71th birthday anniversary of Pakistan قمبر ۾ به پاڪستان جي 71هين سالگرهه ملهائي وئي.

ڊي سي آفيس ۾ ڊي سي ڊاڪٽر محمد ذيشان ۽ ايس ايس پي قمبر ذوالفقار مهر سميت ضلعي عملدارن قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ وڻ پوکڻ جي مهم جو افتتاح ڪري آزادي جو ڏهاڙو ملهايو.

جشن آزادي جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد اڪبر رياض ۽ ڪمشنر نويد احمد شيخ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر نويد شيخ چيو ته هي ملڪ اسان جي وڏڙن کي وڏي قرباني سان مليو، هن ملڪ جو قدر ڪرڻ کپي.

تقريب  ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري ۽ ٽيبلوز جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا، بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾  انعام ۽ ٽرافيون پڻ تقسيم ڪيون ويون…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے