20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڀرياسٽي: مختلف حادثن ۾ نوجوان فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

bahria city: In different accidents, young people died and 2 others injured, entered the hospitalڀرياسٽي ڀرسان مختلف حادثن ۾ نوجوان فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

 قومي شاھراھ تي ٽرالر  ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سعود شيخ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن ته ساڻس گڏ ويٺل نوجوان وقار شيخ زخمي ٿي پيو.

فوتي نوجوان ۽ زخمي کي اسپتال آندو ويو.

هوڏانهن ٻئي  ٽرالر جي حادثي ۾ بجلي جو مڪينڪ سيد غلام نبي شاھ پڻ زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال داخل ڪيو ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو،  جڏھن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿيڻ سبب هٿ نه اچي سگهيو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے