14 بدھ , نومبر 2018

نئين حڪومت پنهنجي عمل تي عمل ڪيو ته ملڪ ۾ خوشحالي ايندي: طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته نئين حڪومت جنهن عزم جو اظهار ڪيو، ان تي عمل ڪيو، ته پاڪستان ۾ خوشحالي اچي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم آزادي تي جاري پيغام ۾ ڪيو. ڊاڪٽر طاهر القادري پاڪستانين کي آزادي جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون.  هن چيو ته معاشي بحرانن جو وڏو سبب نااهل ۽ بي ايمان قيادت آهي، قوم نمائندا چونڊيندي ته ڪير به ملڪ کي نقصان نٿو رسائي سگهي. ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته آزادي جي پهرين سال پاڪستاني رياست وٽ پگهارن جا به پيسا نه هئا، ان جي باوجود اهل ۽ ايماندار قيادت ٻي بجيٽ ٻيڻي ڪري ڏني.  هن چيو ته قيادت ڪرپٽ هجي ته ڪرنسي ڊي ويليو ٿي ويندي آهي، پر جيڪڏهن ايماندار هجي ته ڪرنسي مضبوط ٿيندي آهي ۽ ملڪ ترقي ڪندو آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري زور ڏنو ته عظيم ملڪ لاءِ اسان کي قائد اعظم جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے