18 اتوار , نومبر 2018

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور کي هلال امتياز ملٽري سان نوازيو ويو

DG ISPR Major General Asif Ghafoor was honored with the Halal Imtiaz Malikاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ اعزازن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور کي هلال امتياز ملٽري سان نوازيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب صدر ممنون حسين طرفان 2 آفيسرن کي ستارا بسالت سان نوازيو ويندو ۽ 59 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ڏنو ويندو.17 آفيسرن کي هلال امتياز ملٽري سان نوازيو ويندو جن ۾ آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽر جنرل ميجر آصف غفور جو نالو پڻ شامل آهي. 77 آفيسرن کي ستارا امتياز ڏنو ويندو، 106 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه امتياز ملٽري سان نوازيو ويندو جڏهن ته 34 آفيسرن ۽ جوانن لاءِ امتيازي سندن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ستارا بسالت جو اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ ڪرنل سهيل عابد شهيد، صوبيدار شوڪت خان شهيد شامل آهن، ملٽري ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ آرمي، نيوي ۽ پاڪ هوائي فوج جا آفيسر ۽ جوان شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے