20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ شهباز شريف جو پٽ حمزا شهباز نامزد

Shahbaz Sharif named son Hamza Shahbaz for Punjab's high ministryاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ شهباز شريف جي پٽ حمزا شهباز شريف جو نالو نامزد ڪري ڇڏيو جڏهن تحريڪ انصاف اڃان تائين پنهنجي اميدوار جو اعلان ناهي ڪري سگهي. پنجاب جي نئين اسمبلي جو پهريون اجلاس اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندو جنهن ۾ نوان چونڊيل اسمبلي ميمبر حلف کڻندا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو چونڊ 16 آگسٽ تي جڏهن ته وڏي وزير جي چونڊ 17 آگسٽ جمعي تي ٿيندي. پنجاب جي نئين اسمبلي جو پهريون اجلاس اڄ صبح 10 هين وڳي شروع ٿيندو جنهن جي صدارت موجودا اسپيڪر راڻا محمد اقبال ڪندو. پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر شپ لاءِ تحريڪ انصاف مسلم ليگ ق جي سينيئر اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ دوست محمد مزاري کي نامزد ڪيو آهي جڏهن وڏ وزارت جي اميدوار جي نالي جو اعلان اڃان تائين ناهي ڪيو. مسلم ليگ ن طرفان وڏ وزارت لاءِ حمزا شهباز شريف کي اميدوار طور ميدان ۾ لاٿو ويو آهي جڏهن ته اسپيڪر لاءِ گوجرانوالا جي محمد اقبال گجر اميدوار هوندو ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اميدوار جي نالي جو اعلان ناهي ڪيو ويو . پنجاب اسمبلي جي 371 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ کي مجموعي طور تي 175 سيٽن سان سرسري حاصل آهي، مسلم ليگ ن 160 سيٽن سان ٻئي، مسلم ليگ ق 10 سان ٽئين جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي 7 سيٽن سان چوٿين نمبر تي آهي. مسلم ليگ ن جو چوڻ آهي ته هو پنجاب جي اڪثريتي پارٽي آهي، انڪري هو حڪومت سازي لاءِ ڀرپور مقابلو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے