17 ہفتہ , نومبر 2018

نواز شريف خلاف ٻن نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي، واجد ضياءَ طلب

Along with Nawaz Sharif, the debate will be held today

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنسز جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي، جتي جاچ آفيسر محبوب عالم جو مڪمل بيان ريڪارڊ نه ٿي سگهيو، جنهن بعد ٻڌڻي سومر(20 آگسٽ) تائين ملتوي ڪئي وئي. احتساب عدالت نمبر ٻه جي جج محمد ارشد ملڪ، نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اڄ ٿيل ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر محبوب عالم پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو، پر بيان مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي جتي جاچ آفيسر پنهنجو بيان مڪمل ڪرائيندو. ٻئي پاسي عدالت پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کي پڻ 20 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.نواز شريف کي اڊيالا جيل کان احتساب عدالت پهچائڻ لاءِ نئين حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ۽ کيس اڊيالا جيل کان سيڪيورٽي جي وڏي قافلي ۾ عدالت ۾ پهچايو ويو . قافلي ۾ بڪتربند گاڏي سميت هڪ لينڊ ڪروزر به هئي، پر احتساب عدالت ٻاهران موجود ن ليگ جي ڪارڪنن جي وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي خالي بڪتربند گاڏي کي سامهون واري کان عدالت ۾ آندو ويو جڏهن ته نواز شريف کي ٻئي گاڏي ۾ عدالت اندر پهچايو ويو. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن احتساب عدالت جي ٻاهران احتجاج ڪيو،  هڪ ڪارڪنن بڪتربند گاڏي تي چڙهي نواز شريف جي حمايت ۾ نعرا هڻڻ لڳو

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے