18 اتوار , نومبر 2018

آغا سراج دراني سنڌ ۽ مشتاق غني خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مقرر

Agha Siraj Durrani appointed speaker of Sindh and Mushtaq Ghani Khyber Pakhtunkhwa

 ڪراچي/پشاور: اربع 15 آگسٽ 2018ع: پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو مشتاق غني خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي ميڊيا جي .رپورٽن موجب سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسيمبلي اجلاس جي صدارت پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پ پ پ ميمبر نادر مگسي ڪري رهيا آهن. پ پ پ پاران اسپيڪر لاءِ آغا سراج دراني ڪامياب ٿي ويو، ايوان ۾ ٽوٽل 158 ووٽ وڌا ويا، جن ۾ آغا سراج دراني 96 ووٽ کڻي اسپيڪر بڻجي ويو، جڏهن ته گڏيل مخالف ڌر جو اميدوار جاويد حنيف رڳو 58 ووٽ کڻي سگهيو. حلف کڻڻ کانپوءِ نئين چونڊيل اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ پ پ پ پاران ريحانا لغاري ۽ گڏيل مخالف ڌر پاران رابعا اظفر اميدوار آهن.ٻئي پاسي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس سردار اورنگزيب نلوٽا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو مشتاق غني 81 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊيو ويو ۽ هن مخالف اميدوار لائق محمد خان کي شڪست ڏني. اسپيڪر چونڊجڻ کانپوءِ مشتاق غني عهدي جو حلف کنيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ چونڊ جو اعلان ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر لاءِ محمود جان جو مقابلو مخالف ڌر جي جمشيد مهمند سان ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے