20 منگل , نومبر 2018

اڪشي ڪمار ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاڻ روڊن تي نڪري پيو

Akbar was on the way to traffic to control trafficممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار ڀارت ۾ ٽريفڪ جي خراب نطام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پاڻ روڊن تي نڪري پيو. اڪشي ڪمار جو ڳاڻيٽو باليووڊ جي پهرين جوڙ جي اداڪارن ۾ ٿيندو آهي جنهن ڀارتي فلم اندسٽري ڪيتريون بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن. خطرن جي کهلاڙي جي نالي سان مشهور اداڪار ملڪي سماجي مسئلن تي بيان ڏيندو رهندو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ کليل نموني اهڙين مسئلن جو اظهار ڪندو آهي، هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر هن ڀارت ۾ اهم مسئلي تي آگاهي لاءِ انوکي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. اڪشي ڪمار ڀارت ۾ ٽريفڪ قانون جي آگاهي لاءِ ميدان ۾ اچي ويو آهي ۽ هاڻ هو عوام ۾ ٽريفڪ قانون جي پاسداري جو شعور جاڳائيندو. اڪشي ڪمار سوشل ميڊيا تي ٽريفڪ قانون جي حوالي سان ڪجهه ويڊيوز پوسٽ ڪيون جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو ٽريفڪ پوليس جو اهلڪار بڻجي عوام۾ شهور اجاگر ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته باليووڊ اداڪار پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ سماجي مسئلن تي ڪيتريون ئي فلمون ٺاهي چڪو آهي جنهن ۾ پيڊمين، ٽوائليٽ ايڪ پريم ڪٿا، گبر از بيڪ شامل آهن. اڪشي ڪمار، عامر خان، ۽ سونم ڪپور سميت ڪيترائي اداڪار سماجي مسئلن جي نشاندهي ۽ آگاهي مهمن ۾ شريڪ ٿيند ا رهندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Faiz Ahmed Faiz 34th Death Anniversary

انقلاب جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (رپورٽ ايس ايس ) انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے