16 جمعہ , نومبر 2018

ن ليگ جو اهو ئي رويو رهيو ته نواز شريف جي جيل ٽرائل تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي: فواد

The PML-N kept crying that Nawaz Sharif's jails could be reviewed by: Fawadاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته  مسلم ليگ ن اهو ئي رويو رهيو ته نواز شريف جي جيل ٽرائل واري فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ترجمان نواز شريف جي احتساب عدالت ۾ حاضري تي ڳالهائيندي چيوته ائين نٿو ٿي سگهي ته توهان هزارين ماڻهن کي عدالت موڪلي ڇڏيو، جيڪي عدالت اٽينڊ ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي فهرست ڏيڻ گهرجي ها، ن ليگ جو اهوئي رويو رهيو ته نواز شريف جي جيل ٽرائل واري فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو اتحاد غيرفطري آهي، اهي گڏ نٿا هلي سگهن. عمران خان جي حلف برداري واري تقريب واري سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري ٻڌايو ته عمران خان شيرواني ۾ حلف کڻندو. هن چيو ته اها روايت آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح پڻ شيرواني ۾ حلف کنيو هو، انڪري جناح صاحب جي روايت جي پاسداري ڪئي ويندي. ياد رهي ته عام چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي بعد، تحريڪ انصاف وفاق ۾ حڪومت ٺاهي رهي آهي ۽ تحريڪ انصاف جي طرفان نامزد وزارت اعظميٰ جي اميدوار ۽ امڪاني وزيراعظم عمران خان جي حلف برداري لاءِ 18 جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفيسرن جي واڌو پگهارن بابت پاڻمرادو نوٽيس: 45 آفيسر واڌو وصول ڪيل پگهارون واپس ڪرڻ تي رضامند

لاهور(ويب ڊيسڪ) آفيسرن جي پگهارن تي پاڻمرادي نوتيس ڪيس ۾ 54 آفيسرن مان 45 وڌيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے