*ڪوٽڏيجي ويجهو رولو ڪتن معصو ٻار کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو ، نينگر جو مڙهه گهرپهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻالڪ جي امڙ بيهوش ٿي وئي.
ڳوٺ خير محمد پاتو ۾ جيءُ جهوريندڙ واقعو پيش آيو آهي، پورهيت عبدالقيوم جو معصوم ستن سالن جو پٽ محمد صادق پاتو گهر ٻاهريان واري جي دڙي تي ويٺل هو ته رولو ڪتن مٿس حملو ڪري ڏنو.
وحشي ڪتن معصوم ٻار کي ٻوٽـيون ٻوٽيون ڪري جهنگ ۾ رلائيندا رهيا والدين نينگر کي ڳوليندا رهيا .
جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌنارن اڌ لاش ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو نينگر جو اڌ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، نينگر جي امڙ دانهون ڪري بيهوش ٿي وئي جڏهن ته ڳوٺ ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي ………….