14 بدھ , نومبر 2018

14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن

اڄ 14 آگسٽ آهي، اڄ کان 71 سال اڳ، يعني 14آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجو الڳ وطن حاصل ڪيو هو، جنهن کي پاڪستان سڏجي ٿو. پاڪستان جي قيام لاءِ وري سڀ کان پهريون ڀيرو ٺهراءُ منظور ڪرڻ جو اعزاز سنڌ اسيمبليءَ کي حاصل آهي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد هلي، جيڪي قربانيون ڏنيون ويون، سي تاريخ جو حصو آهن، انگريزن جي قبضي مان ننڍي کنڊ کي آزادي ڏيڻ واري جدوجهد دوران ئي طئي ٿيو هئو ته مسلمان اڪثريت واريو رياستون، پاڪستان ۾ شامل ٿينديون ۽ هندو اڪثريت وارا علائقا هندستان ئي رهندا.

قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بنائڻ ٿي گهريو، اهڙي رياست جتي مذهب جو رياست سان ڪو تعلق نه هجي، ڪير ڪهڙي به مذهب ۽ عقيدي سان تعلق رکندڙ هجي،سو پنهنجي عقيدي، عبادت ۽ مذهبي معامرن ۾ آزاد هوندو، ۽ پاڪستان جا سڀئي شهري برابر حيثيت رکندڙ هوندا، قائداعظم محمد علي جناح جنهن پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، تنهن ۾ اڪثريت اقليت جي تصور بنا سڀئي شهري برابر جا شهري رهڻا هئا، نه رڳو ايترو پر جيڪي رياستون هندستان ڇڏي، مسلمانن جي نئين ملڪ پاڪستان جو حصو هونديون تن جي آزاد ۽ خدمختيار حيثيت برقرار رهندي، پاڪستان جيئن ته هڪ وفاق آهي، جيڪو چئن وحدتن صوبن اڪاين تي مشتمل آهي، جن جي پنهنجي پنهنجي صدين تي مشتمل ثقافت، ٻولي تهذيب ۽ تمدن رهي آهي.سو پاڪستان ۾ جيڪي به وحدتون شامل ٿيون،انهن جي جيئن ته الڳ الڳ شاندار ۽ شاهوڪار ثقافتي تاريخ رهي آهي، تهذيب، تمدن ۽ ٻولي رهي آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پاڪستان گهڻ قومي ۽ گهڻين ٻولين وارو، شاندار ثقافت رکندڙ گهڻين قومن جو هڪ ملڪ آهي، جيڪي پنهنجي الڳ الڳ ثقافتن، ٻولين ۽ تهذيبن باوجود پاڪستان جي مالها ۾ پوئجي هن ملڪ کي دنيا جو خوبصورت ملڪ بڻائي ٿيون ڇڏين.

سو 14 آگسٽ وارو ڏينهن، ماضيءَ جي تهذيب جي روشنيءَ ۾ مستقبل تي يقين ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته جيئن پاڪستان کي معاشي طور پاڻڀرو به ڪري سگهجي ۽ دنيا جي قومن ۾ هڪ باوقار ۽ خود مختيار قوم جي حيثيت ۾ بيهاري سگهجي.

پاڪستان بنيادي طور هڪ وفاق آهي، جتي پارلياماني جمهوري نظام رائج آهي. دنيا جي جن به مهذب ۽ سڌريل ملڪ ان ۾ پارلياماني جمهوري نظام قائم آهي ۽ راتاهن کان محفوظ آهي، اهي ملڪ اڄ ترقيءَ جي بلندين کي ڇُهي رهيا آهن، اسان جي ملڪ ۾ بدنصيبيءَ سان ملڪ جي قيام کان فوري پوءِ هڪ اهڙو آئين هن ملڪ جي ماڻهن کي ملي نه سگهيو هو، جنهن تي هن ملڪ ۾ شامل سڀ صوبا متفق هجن ۽ ان تحت ئي هي ملڪ هلايو وڃي ها، آئين جيئن ته ڪنهن به ملڪ، رياست ۽ تنظيم کي هلائڻ جو هڪ روڊ ميپ هجي ٿو، تنهن ڪري قيامَ جي ابتدائي ڏينهن ۾ ڪنهن مستند روڊ ميپ جي نه هئڻ ڪري هيءُ ملڪ درست دڳ وٺي نه سگهيو. هن ملڪ کي متفقه آئين پنهنجي قيام جي ٺيڪ 25 سالن کانپوءِ يعني 1973ع ۾ مليو. ان عرصي ۾ هي ملڪ بس الله جي سهاري هلندو رهيو. 1973ع وارو جيڪو آئين آهي، تنهن ۾ به اڄ تائين الائجي ڪيتريون چتون لڳي چڪيون آهن، ان جي اصل شڪل ئي ڄڻ ته بگڙجي چڪي آهي، ان آئين ۾ صوبن سان،ڏهن سالن اندر ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪري، خود مختياري ڏيڻ جو جيڪو واعدو ڪيو ويو هو، سو واعدو 71  سال گذرڻ باوجود اڃا وفا ٿيڻو آهي.

اسان وٽ بدقسمتيءَ سان صوبن بدران مضبوط مرڪزيت واري جنهن سوچ کي پئي چوٽ چاڙهيو ويو آهي، تنهن ملڪ ۽ ان جي سماج ۾ موجود قومي تضاد کي ويتر شديد ڪري ڇڏيو. اڄوڪو ڏينهن ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جو ڏينهن به آهي ته اڄ جي ڏينهن 71 سال اڳ جڏهن هي ملڪ قائم ٿيو هو ته بنگالي به هن ملڪ جو حصو هئا، جيڪي 25 سالن تائين هن ملڪ جي وفاق سان سلهاڙيل رهيا ۽  71 ۾ الڳ ٿي پنهنجو ملڪ ٺاهي ويهي رهيا، انهن جي الڳ ٿيڻ جا ڪهڙا سبب هئا ؟ اهي ان ملڪ،جنهن جو رضا ڪاراڻي طور حصو بڻيا هئا، تنهن کان چوڌار ٿيا ! تنهن جي سببن تيس نجيدگيءَ سان ويچارڻ ۽ اهڙا اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي، جيئن هن ملڪ جي وحدتن جون شڪايتون وڌي وڻ ٿيڻ به پاران انهن جو فوري ازالو يقيني ٿي سگهي.

نه رڳو ايترو پر هي جمهوريت جي جيڪا ” ڏٻري ڍور“ واري حيثيت آهي، تنهن جي سببن تي به سنجيدگيءَ سان ويچاري انهن جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. قائداعظم محمد علي جناح ووٽ جي عزت ۽ حرمت جو قائل هو، سو جيستائين ووٽ کي عزت نٿي ملي، ماڻهو جنهن اميدوار ۽ جنهن جي جماعت کي مينڊيٽ ڏين ٿا تنهن مينڊيٽ جو احترام نه ٿو ٿئي، سياسي جماعتون ۽ سياسي اڳواڻ فطري عمل مان ۽ حقيقي عوامي طريقي مان پاڻ ڦٽي نه ٿا نڪرن تيستائين هن ملڪ کي قائداعظم محمد علي جناح جي سوچ مطابق اڳتي وڌائڻ مشڪل هوندو، مضبوط مرڪزيت تي نه 71 سال هلياسين هاڻي ”مضبوط صوبا مضبوط وفاق، وارو اصول اپنائڻ گهرجي.

ائين ڪرڻ سان صوبن کي وفاق کان ۽ ننڍن صوبن کي وڏي صوبي کان جيڪي شڪايتون آهن، هڪ ته اهي دور ٿينديون ۽ ٻيو ته سڀني صوبن جڏهن محسوس ڪيو ته ساڻن ڪا به ٻه اکيائي نه پئي ٿئي، ڪو به نارو اس لوڪ نه پيوٿئي پوءِ ملڪ اندر هي جيڪو قومي تضاد وڌي وڻ ٿيو آهي، سو به پاڻهي ختم ٿي ويندو.

سو اڄو ڪو ڏينهن ماضيءَ جي غلطين مان سکي، انهن جو ازالو ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، اڄ جڏهن ملڪ جو 71 هون آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان دوران ملڪ اندر وفاق ۽ صوبن اندر حڪومت سازيءَ جو عمل به جاري آهي، ڪالهه قومي اسيمبليءَ، سنڌ، خيبرپختون خواه ۽ بلوچستان اسيمبليءَ جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کنيو آهي. ملڪ جو نئون وزير اعظم 18آگسٽ تي قسم کڻي رهيو آهي، سو حڪومت سازيءَ جو ملڪ اندر جيڪو سلسلو جاري آهي، سو به ان حوالي سان انتهائي تاريخي آهي، جو ملڪ جي تاريخ ۾ هي ٻيون ڀيرو آهي، جو هڪ چونڊيل حڪومت ڏانهن پُر امن منتقلي ٿي رهي آهي.

2008ع کان 2018ع تائين هي ٽيون جمهوري دور آهي جيڪو آئين پٽاندڙ وڌي رهيو آهي. سو اميد ڪري سگهجي ٿي ته هن اهم موقعي تي ماضيءَ جي تجربن کي نظر ۾ رکندي صوبن جي شڪايتن جو ازالو ڪندي. اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون وڃن جن سان صوبا به مضبوط ٿين ته  وفاق به، هن ملڪ ۾ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي به حاصل هجي ۽ هن ملڪ کي قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1948ع واري تقرير تحت فلاحي رياست بڻائي سگهجي.

اڱارو 14 آگسٽ 2018ع، 2 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ مان تونسا کان گڊوءَ وچ ۾ پاڻي چوريءَ جو معاملو

ٻه ڏينهن ٿيندا ته ايوان زارعت سنڌ جو اجلاس جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙيءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے