18 اتوار , نومبر 2018

اسپيڪر جي چونڊ: عمران خان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ  سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچڻ وساري ويٺو

Speaker of the Speaker: Imran Khan forgot to get the identity card to castاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ امڪاني وزيراعظم عمران خان قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پهتو ته وٽس سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه هو جنهن تي پولنگ ايجنٽ جي رضامندي سان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي ميمبر قادر پٽيل طرفان اعتراض واري ڇڏيا. قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ واري عمل دوران عمران خان پنهنجي واري تي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهريان پولنگ ايجنٽ وٽ ويو جتي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻو هو پر هن سڃاڻپ ڪارڊ جي ڳولا لاءِ پنهنجي ڪوٽ ۾ هٿ هنيو ته ڪارڊ موجود نه هو،  سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه هئڻ تي کيس اسپيڪر ڏانهن اشارو ڪيو ويو. ان موقعي تي اسپيڪر اسپيشل ڪيس قرار ڏيندي عمران خان کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني جنهن بعد هن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. عمران خان کي اجازت ڏيڻ تي پيپلز پارٽي جي ميمبر قادر پٽيل اعتراض وارريندي چيو ته موٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هو جنهن تي اسٽاف چيو ته ڪارڊ کڻي اچو يا ٻيهر اسمبلي ڪارڊ ٺهرائي وٺو، جڏهن عمران خان نيازي وٽ ڪارڊ نه هو پر کيس اجازت ڏني وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سمورا ميمبر برابر آهن ايوان ۾ ڪو به ننڍو وڏو ناهي، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. جنهن تي اسپيڪر اياز صادق عبدالقادر پٽيل کي چيو ته جيڪڏهن توهان به پڇي وٺو ها ته مان توهان کي به اجازت ڏئي ڇڏيان ها، منهنجي لاءِ سمورا ميمبر برابر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے