16 جمعہ , نومبر 2018

احتجاج هلندا رهندا آهن، پنجاب اسيمبلي کي بهتر انداز ۾ هلائينداسين: پرويز الاهي

 لاهور(ويب ڊيسڪ) ق ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي نامزد اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته جڏهن اسپيڪر جي چونڊ ٿي ويندي ته پنجاب جي وڏي وزير جو نالو به اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ انشاءَ الله اسان جا اميدوار ڪامياب ٿي ويندا.پنجاب اسيمبلي ٻاهريان صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته اسان اسيمبلي ۾ 13-14 سالن کانپوءِ اچي رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان بهتري طرف وڌون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسيمبلي جو پهريون ڏينهن آهي، ڳالهيون گهڻيون ٿينديون رهنديون، احتجاج جي اهي ڪاريون نيريون پٽيون به هلنديون رهنديون، هاڻي اسيمبلي اهڙي ريت هلندي جو توهان به وساري ڇڏيندا ته ڪڏهن اسيمبلي جو ماحول به خراب ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته اسان اسيمبلي کي بهتر نموني سان هلائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے