15 جمعرات , نومبر 2018

جيڪڏهن اين اي 131 جا ٿيلها کوليا وڃن ها ته عمران خان جي اصليت ظاهر ٿي وڃي ها: سعد رفيق

If Imran Khan was able to open, Imran Khan's origin would have appeared: Saad Rafiq لاهور (ويب ڊيسڪ)ن ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اين اي 131 جا جيڪڏهن ٿيلها کوليا وڃن ها ته عمران خان جي اصليت ظاهر ٿي وڃي ها ۽ سندس اصليت اها آهي جو هن چونڊ چوري ڪئي.پنجاب اسيمبلي ٻاهريان صحافين سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته فرشتن جي پارٽي ڪوڙ ۽ ٺڳي جي بنياد تي ڪهڙو نئون پاڪستان ٺاهيندي، هارس ٽريڊنگ جي بنياد تي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مرڪز جيان کين هتي به سادي اڪثريت ملي ناهي سگهي، ن ليگ کي جيڪڏهن مخالف ڌر ٿي ويهڻو پوندو ته به ويهنداسين، جيڪڏهن اسان مخالف ڌر ۾ ويٺاسين ته عمران خان کي ڏينهن ۾ تارا نظر ايندا.هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اين اي 131 تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ تيار ناهن، اهي ڄاڻايل تڪ تي ٻيهر ڳڻپ کان ڀڄي ويا آهن، رٽرننگ آفيسر کان ويندي سپريم ڪورٽ تائين ڪوشش ڪئي پر ٿيلها نه کوليا ويا، جيڪڏهن اين اي 131 جا ٿيلها کوليا وڃن ها ته عمران خان جي اصليت ظاهر ٿي وڃي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے