13 منگل , نومبر 2018

باليووڊ جي مشهور جوڙي رنوير ۽ دپيڪا جي شادي جي تاريخ طئي ٿي وئي

Ranuvod's popular runner and Pika's wedding history is setممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊڪون جي شادي تاريخ ۽ هنڌ طئي ٿي ويو. رنوير ۽ دپيڪا پڊڪون جي جوڙي فلمي دنيا جي ڪامياب ترين جوڙي سمجهي ويندي آهي ٻنهي گڏ ڪيترن ئي سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. ٻنهي اداڪارن رام ليلا، باجي رائومستاني ۽ پدماوت ۾ گڏ ڪم ڪيو.وڏي اسڪرين جي ڪامياب جوڙي هاڻ عام زندگي ۾ پڻ هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ گذريل سال کان ٻنهي جي شادي جو خبرون ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون هيون پر هاڻ شادي جي تاريخ ۽ هنڌ پڻ منظر عام تي اچي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊڪون هلندڙ سال 20 نومبر تي اٽلي جي سياحتي هنڌ ليڪ ڪومو ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا. ٻنهي اداڪارن جي شادي ۾ رڳو خاندان ۽ ڪجهه فرد شرڪت ڪندا ۽ مهمانن جو انگ رڳو 30 آهي پر شادي جي وڏي تقريب ڀارت ۾ ڪئي ويندي . رنوير ۽ دپيڪا جي شادي جي تاريخ منظر عام تي اچڻ بعد ادڪار ڪبير بيدي جوڙي کي واڌايون ڏنيدي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون جي وچ ۾ ڪيترئي عرصي کان وجهڙائي قائم آهي جنهن بعد ئي سندس شادي  خبرون عام ٿي ويون هون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے