14 بدھ , نومبر 2018

انسٽاگرام اسٽوري پول فيچر هاڻ گروپ چيٽ ۾ به دستياب

Instagram Storage Pool available now available in group chatڪراچي(ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن واري مشهور ايپليڪيشن انسٽاگرام ۾ هر ايندڙ ڏينهن نون نون فيچرن جو وڌاروڪيو ويندو آهي ۽ هاڻ انسٽاگرام اسٽوري فيچر جو پول آپشن، گروپ چيٽ پڻ فراهم ڪيو ويو آهي. واهپيدرن کي هلندڙ سال مئي ۾ اسٽوري فيچر ۾ پول آپشن جي سهولت فراهم ڪئي وئي هئي جنهن ذريعي هو اسٽوري اَپ لوڊ ڪري دوستن جي راءِ ڄاڻي سگهندا هئا.۽ هاڻ انسٽاگرم ۾ واڌو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي يعني واهپيدار ڪڏهن به تصوير ۾ پول آپش جي چونڊ ڪري گروپ چيٽ ۾ موڪلي سگهن ٿا. اها سهولت گذريل ڏينهن کان آءِ او اس ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ موجود آهي.ان فيچر جي مدد سان واهپيدار پنهنجن ڪجهه اهم دوستن جي راءِ فوري طور تي حاصل ڪري سگهندا ۽ کائنن مشورو پڻ وٺي سگهندا. انسٽاگرام جي طرفان فيچر جي استعمال ڪرڻ جو طريقو ٽوئيٽر تي شيئر ڪيو ويو آهي جنهن کي ويڊيو جي صورت ۾ ڏسي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے