14 بدھ , نومبر 2018

نواز شريف جي اڊيالا جيل ۾ قيد بعد صحافين سان پهرين غيررسمي ڳالهه ٻولهه

After being imprisoned in Nawaz Sharif's Jaila jail, journalists had first unusual talkاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اڊيالا جيل ۾ قيد ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو نيب ريفرنس جي موقعي تي صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم معمول موجب صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي پر عدالت طرفان قيد جي سزا ملڻ بعد اڄ پهريون ڀيرو هن العزيزيا ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جي ٻڌڻي بعد صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان جي طبعيت ڪيئن آهي جنهن تي نواز شريف جواب ڏيندي چيو ته الحمدالله ٺيڪ آهيان، صحافي نواز شريف کان هڪ ٻيو سوال ڪيو ته ڇا توهان اڪيلا آهيو، جنهن تي نواز شريف چيو ته جي توهان چئي ٿا سگهو. هڪ ۽ ٻئي صحافي کائنس سوال ڪيو ته ڇا توهان کي مسجد وڃي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت آهي، جنهن تي نواز شريف چيو ته نماز سيل ۾ ئي ادا ڪندو آهيان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي. مرين نواز سان ملاقات بابت سوال تي نواز شريف چيو ته جڏهن ٻين ملاقاتين سان ملاقات ٿيندي تڏهن مريم سان پڻ ملاقات ٿي ويندي آهي.واضح رهي ته اڊيالا جيل ۾ خميس جو  ڏينهن قيدين سان ملاقات لاءِ مقرر ٿيل آهي ۽ ان ئي ڏينهن تي مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف مريم نواز سان ملاقات ڪندو آهي.  ياد رهي ته احتساب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي گڏيل طور تي 11 ورهيه قيد جي سزا جو حڪم ٻڌايو هو ۽ 13 جولائي تي لنڊل کان وطن واپسي تي کين لاهور ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے