ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان طرفان چيف پوسٽ ۽ ايئربيس تي ٻن حملن ۾ 52 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان ۾ ڪابل ۽ قنڌهار جي وچ ۾ هاءِ وي چيڪ پوسٽ کي طالبان طرفان نشانو بڻايوويو جنهن جي نتيجي ۾ 7 پوليس اهلڪار مارجي ويا. ڪجهه لمحن بعد افغانستان جي صوبي بغلان ۾ علائوالدين ايئربيس تي طالبان جي حملي جي نتيجي ۾ افعان سيڪيورٽي فورسز جا وڌيڪ 45 مارجي ويا. مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪاروائي ۾ 4 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 8 گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن اڃان تائين طالبان طرفان حملي بابت ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيوئ
Tags 52 Killed Kabul sindhinews
هي به ڏسي سگهو ٿا
پاڪستان ضرورت پوڻ تي ڀارتي شرپسندي جو ڀرپور جواب ڏيندو: مليحا لوڌي
نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پلواما واقعي کانپوءِ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان گڏيل قومن …