18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڇاڇرو: پرائمري اسڪول ۾ گذريل پنج مهينن کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Chachro: Protest for not providing teachers to Government Primary school*ڇاڇرو  شهر جي بجير پاڙي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول۾ گذريل پنج مهينن کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردن ۽ سندن والدين ممتاز راهمون، محمد بچل، ساڪر، احمد، مزمل، اڪبر علي، مشتاق علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته اسڪول ۾ گذريل پنج مهينن کان استاد مقرر ناهي ڪيو ويو.

 هنن ٻڌايو ته ڊي اي او اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنو جنهن مهينو ٻارڙن کي پڙهايو پر هن جي بائيو مئٽرڪ ٻئي پاسي هجڻ ڪري هن کي مانيٽرنگ آفيسر غير حاضر ڄاڻائي پگهار بند ڪرائي ڇڏي جنهن بعد هو واپس هليو ويو .

هنن چيو ته هنن  سي ايم او ٿرپارڪر کي به چيو پر اڃا تائين ڪو به استاد مقرر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته هڪ استاد هو سو به رٽائرڊ ٿي ويو

 هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، شيشن جج ٿرپاڪر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي  ته اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي ته جئين معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن  جي ڪلارڪ   خلاف  بيروزگار نوجوان  جو  احتجاج

ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن عملدارن  خلاف  بيروزگار  احتجاج ڪيو . نوجوان عنايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے