15 جمعرات , نومبر 2018

عمران خان وزارت عظميٰ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وزارت عظميٰ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ ايندڙ مرحلو وزيراعظم جي چونڊ جو آهي، جنهن لاءِ سڀاڻي 2 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. وزيراعظم لاءِ عمران خان طرفان جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ تجويز ڏيندڙ عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ۽ تائيد ڪندڙ فخر امام آهي. قومي اسيمبلي جي 17 آگسٽ تي ٿيندڙ اجلاس دوران قائد ايوان جي چونڊ عمل ۾آندي ويندي، جنهن لاءِ عمران خان جو مقابلو امڪاني طور متحدا اپوزيشن جي اميدوار شهباز شريف سان ٿيندو. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته 18 جولاءِ تي ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين نئين وزيراعظم کان حلف وٺندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے