16 جمعہ , نومبر 2018

چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن ذميواريون پوريون نه ڪيون: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن ذميواريون پوريون نه ڪيون ۽ اسان به ڪميشن جي درست چونڊ نه ڪري سگهياسين. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته اهڙا لفظ ڪڏهن به استعمال نه ڪندس، جنهن سان توهان جي يا اسپيڪر جي عهدي جي ساک متاثر ٿئي، مون کي ڪوڙي اسپيڪر جا جملا چيا ويا پر سڀ ڪجهه برداشت ڪيو، مان توهان جو نالو نه وٺندس پر توهان کي جناب اسپيڪر چوندس. سندس چوڻ هو ته جڏهن پارليامينٽ کي چور چيو ويو ته مون سميت سمورن ميمبرن جي دل آزاري ٿي، مون کي چيو ويو ته منهنجو جهڪاءُ اپوزيشن ڏانهن گهڻو آهي. هن چيو ته پ پ 2014ع جي ڌرڻن ۽ استعيفائن جي ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو، ڏکئي وقت ۾ خورشيد شاهه منهنجو ساٿ ڏنو، جيڪو ساراهه جوڳو آهي، الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو ته استعيفائون هتي منظور نه ٿيون، شاهه محمود قريشي کي چيو هو ته منهنجي چيمبر ۾ اچو ته جيئن استعيفائن جو فيصلو ٿي سگهي. اياز صادق چيو مناسب نه هو ته 150 ماڻهو ويهي انهن استعيفائن جو فيصلو ڪن، جيڪي لکين ماڻهن جي ووٽ سان آيا، ميمبر جي غير حاضري تي ڊي سيٽ ڪرڻ جو قانون تبديل ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي اسپيڪر چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ گهڻي محنت ڪئي وئي، اليڪشن ايڪٽ ۾ ايترا اختيار ڏنا ويا، جيڪي انهن جي وهم گمان ۾ به نه هئا پر چونڊن ۾ اليڪشن ڪميسن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي ۽ اسان به ڪميشن جي درست چونڊ نه ڪري سگهياسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے