21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: پورهيت پاران مزدوري جا پيسا نه ملڻ خلاف احتجاج

Hyderabad: Protest against workers not working for laborحيدرآباد ۾ پورهيت پاران مزدوري جا پيسا نه ملڻ خلاف پاڻ زخمي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو علي آباد واري علائقي جي رهواسي پورهيت سومار سولنگي گڊز ٽرانسپورٽ ڪمپني وٽان مزودري جا پيسا نه ملڻ خلاف پنهنجو پاڻ کي زخمي ڪري احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي پورهيت چيو ته 21 رمضان واري رات ڪراچي کان حيدرآباد  ايندڙ نيو سرتاج ڪپني جو ٽرالو ڀرڻ بعد گڊز ٽرانسپورٽ  ڪمپني جي مالڪ سيٺ يونس مزدوري جا پئسا گهرڻ تي کيس بيروزگار ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته بيروزگاري سبب گهر جي مسواڙ  ۽ ٻارن جي اسڪولن جي فيس به نه ڏئي سگهيو آهي، گهرڀاتي ڦاڪا ڪٽي رهيا آهن.

پورهيت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گڊز ٽرانسپورٽ ڪمپني جي مالڪ خلاف ڪارروائي ڪري کيس روزگار ڏياري انصاف ڪري……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے