21 بدھ , نومبر 2018

شهباز شريف به وزارت عظميٰ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پولنگ کانپوءِ هاڻ وزارت عظميٰ جي عهدي لاءِ عمران خان بعد شهباز شريف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ن ليگ صدر طرفان نامزدگي ڪاغذ خواجا آصف، احسن اقبال ۽ راڻا تنوير جمع ڪرايا. واضح رهي ته پنجاب ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان مايوس ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف صوبائي سيٽون ڇڏي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان وزارت عظميٰ لاءِ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے