19 پیر , نومبر 2018

پرڏيهي عورت جو پي آءِ اي جهاز ۾ رقص، سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي جهاز ۾ پرڏيهي عورت جي پاڪستاني جهنڊي سان گڏ رقص واري معاملي تي سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو ويو آهي. اهو نوٽيس سينيٽر عتيق شيخ جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پرڏيهي عورت جو جهاز ۾ رقص حفاظتي انتظامن تي سواليا نشان آهي، ويڊيو مان ظاهر ٿئي ٿو ته پرڏيهي عورت پي آءِ اي جي ٻن جهازن ۾ داخل ٿي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اها پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن انتظاميا جي حفاظتي انتظامن جي حوالي سان غفلت آهي. نوٽيس ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايوان ۾ ٻڌايو وڃي ته پي آءِ آي جي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته 13 آگسٽ تي پي آءِ اي جي جهاز ۾ پرڏيهي عورت جي پاڪستاني جهنڊي سان رقص جي ويڊيو وائرل ٿي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناپاڪ دشمن جي عزم کي خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين: ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته اسان دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے