17 ہفتہ , نومبر 2018

اسپيڪر طرفان عورت ميمبرن لاءِ نه اُٿي بيهڻ تي شازيا مري جو احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ دوران پ پ ايم اين اي شازيا مري عورتن جي احترام ۾ اُٿي نه بيهڻ تي نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر سان گلا ڪئي آهي. پ پ اڳواڻ شازيا مري اسپيڪر کي چيو ته ووٽ وجهڻ لاءِ ايندڙ مرد ميمبرن سان توهان اُٿي بيهي ملي رهيا آهيو پر عورت ميمبرن لاءِ توهان پنهنجي سيٽ تي ئي ويٺل آهيو، جڏهن ته سڀ ميمبر برابر آهن. شازيا مري جي نشاندهي تي اسد قيصر ووٽ وجهڻ لاءِ ايندڙ عورت ميمبرن لاءِ به اُٿڻ شروع ٿيو. هوڏانهن پ پ سينيٽر شيري رحمان پڻ ٽوئيٽر تي احتجاج ڪندي نئين چونڊيل اسپيڪر جي مرد ميمبرن سان ملڻ واري تصوير پوسٽ ڪري لکيو ته اسپيڪر رڳو مرد ميمبرن لاءِ اُٿي رهيو آهي، هو عورت ميمبرن لاءِ پنهنجي سيٽ تان نه اُٿي رهيو آهي، ڇا اهو آهي نئون پاڪستان؟. ان معاملي تي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر وضاحت جاري ڪندي چيو ته مان عورتن جو سڀ کان وڌيڪ احترام ڪندو آهيان، سڀني سان گڏجي ايوان هلائيندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے