18 اتوار , نومبر 2018

بلوچستان جون رونقون بحال ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ آيو آهيان: قاسم سوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي نئين چونڊيل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو آهي ته منهنجو واسطو بلوچستان جهڙي پٺ تي پيل صوبي سان آهي، جتي ماڻهو تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، بلوچستان کي هڪ ڪالوني وانگر هلايو ويو پر مان صوبي جون رونقون بحال ڪرڻ جي اميد سان ايوان ۾ آيو آهيان. قومي اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهائيندي قاسم سوري چيو ته چونڊن واري ڏينهن بلوچستان ۾ لاش ڪِريا، ماضي ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪيو ويو پر هاڻ ان تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، ڪاوڙيل بلوچ ڀائرن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ عمران خان جي قيادت ۾ ڪوئيٽا کي ٻيهر لٽل پئرس بڻايو ويندو. سندس چوڻ هو ته ووٽ ڏيڻ تي حامي پارٽين ۽ اعتماد ڪرڻ تي عمران خان جو ٿورائتو آهيان، مخالف اميدوار اسعد محمود جمهوري انداز ۾ مقابلو ڪيو، اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ فرق نه ڪندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے