21 بدھ , نومبر 2018

ترڪيءَ جو آمريڪا تي جوابي وار، مختلف شين تي ٽيڪس ٻيڻو

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ اختيارين جوابي قدم کڻندي آمريڪي شين تي ٽيڪس ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ ڪارون، تماڪ، الڪوحل ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ترڪيءَ جي نائب صدر فواد اوقطائي موجب اهو جوابي قدم آهي، ڇو ته آمريڪا اسان تي ڄاڻي واڻي حملو ڪيو آهي. آمريڪا ۽ ترڪي هڪٻئي جي شين تي ٽيڪس وڌائڻ جو فيصلو اهڙي وقت ۾ ڪيو آهي، جڏهن ترڪ ڪرنسي جي قدر ۾ عدم استحڪام آيو آهي. اڄ صبح ايشيائي منڊين ۾ ترڪ ليرا جي قدر ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٻه سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ترڪ ليرا جي قدر ۾ ڪجهه بهتري آئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے