19 پیر , نومبر 2018

سلمان خان جي فلم ”ڀارت“ جو ٽيزر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي نئي فلم ”ڀارت“ جي پهرين ٽيزر ريليز ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائي ڇڏي آهي. بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان پنهنجي ملڪ جي آزادي واري ڏينهن کي ياد گار بڻائڙ لاءِ مداحن کي طوفو ڏنو آهي ۽ پنهنجي ايندڙ فلم جو پهريو ٽيزر ريليز ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ريليز ٿيندئي سوشل ميڊيا تي مقبولي حاصل ڪري ورتي آهي، ان ٽيزر ۾ سلو ميان فلم جون جھلڪيو ڏيکارڻ بجائي رڳو لفظن جو جادو ڏيکاريو آهي.50 سيڪنڊن جي ان ٽيزر ۾ سلمان خان جي آواز ٻڌرائي وئي آهي جنهن ۾ سلمان چئي رهيو آهي ته ”ڪجهه رشتا زمين سان هوندا آهن ۽ ڪجهه رشتا خون سان جڏهن ته مون وٽ ٻئي هئا“ جنهن کان پوءِ ٽيزر ۾ٻڌايو آيو آهي ته هڪ ماڻهون جو ۽ هڪ قوم جو سفر گڏ آهي. جڏهن  ته ٻئي پاسي ڪينيڊين اداڪارا نورا فتيحي به فلم ۾ ڪردار کي نڀائڻ لاءِ هسپانوي استاد جي خدمت حاصل ڪري ورتي آهي ان شوالي سان سندس چوڻ هو ته بنيادي هسپانوي زبان سيکڻ لاءِ پنهنجي هسپاني دوست کان سبق وٺڻ شروع ڪيو آهي جيڪو مونکي هسپاني زبان جي انداز ۾ انگريزي ڳالهائڻ سيکاري رهيو آهي. ياد رهي ته علي عباس ظفر جي هيدايت هيٺ ٺهندڙ هي فلم ”ڀارت“ ۾ سلمان خان سان گڏ ڪينيڊين اداڪارا نورا فتيحي ۽ ڪترينا ڪيف کان اعلاوه ديشا پٽاني، تبو، سنيل گروور به شامل آهن جڏهن ته فلم 2019ع ۾ عيد تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے