11 منگل , دسمبر 2018

اصغر خان ڪيس: بچاءَ واري وزارت کان هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب

Nawabshah: Vehicle reversed on Mehran Highway, 15 traders injured severelyاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾ بچاءَ واري وزارت کان ڪابينا جي فيصلي تي عمل ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس موجب جيڪڏهن عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيو ته بچاءَ واري وزارت بدران ملٽري اٿارٽي کي طلب ڪنداسين. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس بچاءَ واري وزارت جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو هو ته اصغر خان ڪيس ۾ آرمي آفيسرن خلاف ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيڻ گهرجي، اڃا تائين توهان ان فيصلي تي عمل ڇو ناهي ڪيو؟ بچاءَ واري وزارت جي ليگل ڊائريڪٽر برگيڊيئر فلڪ ناز ٻڌايو ته گهرو وزارت طرفان اڃا تائين اسان کي سمري ناهي ملي، اسان کي چئن هفتن جو وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا سياستدان ايف آءِ اي سان سهڪار ڪري سگهن ٿا؟ جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي جواب ڏنو ته مير ظفر الله جمالي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن رقم وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، مير حاصل بزنجو ۽ همايون مري چونڊن ۾ مصروفيتن سبب هاڻ پيش ٿيندا. عدالت بچاءَ واري وزارت کان ڪابينا جي فيصلي تي عمل ڪري هڪ مهيني ۾ر پورٽ گهري ورتي. چيف جسٽس چيو جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته بچاءَ واري وزارت بدران ملٽري اٿارٽي کي طلب ڪنداسين. عدالت بچاءَ واري وزارت کي ايف آءِ اي کي ضروري ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے