15 جمعرات , نومبر 2018

رپورٽ: پي آءِ اي جي جهاز ۾عورت جو رقص، سينيٽ ۾ توجهه ڏياريو نوٽيس جمع

Dance PIA Shuttle Dance, Collect Thought Notices in Senateغير ملڪي عورت پاران پي آءِ اي جي جهاز ۾رقص واري وڊيو جو چرچو سوشل ميڊيا بعد نئب ۽ سينيٽ تائين به پهچي ويو آهي ۽ سينيٽ ۾توجهه ڏياريو نوٽيس جمع ڪرايو ويو آهي.

پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي جهاز ۾غير ملڪي عورت جي پاڪستاني پرچم سان رقص واري معاملي تي سينيٽر عتيق شيخ توجهه ڏيارو نوٽيس جمع ڪرايو.

نوٽيس ۾موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته غير ملڪي عورت جو جهاز ۾رقص سڪيورٽي انتظامن تي سواليا نشان آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اها پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايويشن انتظاميا پاران سڪيورٽي جي غفلت آهي، ايوان کي ٻڌايو وڃي ته پي آءِ اي جي آفيسر خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي.

سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل وڊيو ۾ عورت کي پي آءِ اي جي جهاز ۽ رن وي تي رقص ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

جهاز ۾ رقص جي حوالي سان پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اها وڊيو پارڪنگ ۾ بيٺل جهاز ۾ ٺاهي وئي آهي، جنهن سان پي آءِ اي انتظاميا جو ڪو به تعلق ناهي.

ترجمان  موجب جهاز ۾ عورت جي رقص جي وڊيوپي آءِ اي جي پيج تي شيئر ڪئي وئي هئي جنهن بعد اها وائرل ٿي وئي، هاڻ اها وڊيو پي آءِ اي جي پيج تان هٽائي وئي آهي.

واضح رهي ته ان معاملي جو نئب پڻ نوٽيس ورتو آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے