18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: مومل جي ماڙي: هارين ۽ آبادگارن پاران پاڻي چوري ڪرڻ خلاف احتجاج

moomal ji mari: The protest against theft of the farmers by farmers and farmersمومل جي ماڙي ۾ هارين ۽ آبادگارن پاران پاڻي چوري ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ربنواز، ڪامريڊ لياقت ۽ محبوب بوزدار سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ هارين ۽ آبادگارن لنڊي واهه مان پاڻي چوري ڪرڻ تي بااثرن خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته آبپاشي عملو بااثر زميندارن کان رشوت وٺي پاڻي چوري ڪرائي رهيو آهي، جنهن سبب سندن زمينن ڏانهن پاڻي نٿو اچي.

هنن چيو ته لنڊي واھ جي آر ڊي 65 وٽان بااثر غير قانوني طور واھ ۾ نول وجهي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پاڻي چوري ٿيڻ سبب سندن فصل سڪي رهيا آهن، پر آبپاشي عملو ڪيترين شڪايتن باوجود ڪو قدم ناهي کنيو.

سندن چوڻ هو ته واهن تي رينجرس مقرر ٿيڻ باوجود پاڻي چوري ٿئي رهيو، داروغي سميت ٻين عملدار رشوت وٺي بااثرن کي پاڻي چوري جي اجازت ڏين ٿا.

هارين ۽ آبادگارن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته پاڻي چوري ڪندڙ بااثرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سندن زمينن ڏانهن پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے