20 منگل , نومبر 2018

نواز شريف جون تصويرون کڻي ايندڙن پويان دُهل نه وڄائينداسين: نفيسا شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته احتساب عدالت مان ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ نواز شريف جون تصويرون کڻي ايندڙ ن ليگ پويان دُهل نه وڄائينداسين. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نفيسا شاهه چيو ته تحريڪ انصاف جي سياست گهڻي ناڪاري رهي پر اسان سلجهيل ۽ هاڪاري سياست ڪئي، اسان هاڻ به پارليامينٽ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جو احتجاج نواز شريف جي معاملي تي هو، اهو سندن مخصوص احتجاج هو ۽ ان حوالي سان اسان جو ن ليگ ڪو صلاح مشورو نه ٿيو هو. نفيسا شاهه چيو ته اسان اپوزيشن وچ ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪرڻ جو ڪو فيصلو نه ڪيو هو، اها اميد نه رکڻ گهرجي ته ن ليگ احتساب ڪورٽ کان ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ نواز شريف جون تصويرون کڻي اچي ته اسان انهن جي پويان دُهل وڄائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے