19 پیر , نومبر 2018

رپورٽ: ڊاڪٽر عامر لياقت، آصف علي زرداري جي قدمن ۾ ويهي رهيو، تصوير وائرل

Dr Amir Liaqat, sitting in the footsteps of Asif Ali Zardari, Viral imageقومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت، آصف علي زرداري جي قدمن ۾ ويهي رهيو، تصوير وائرل ٿيڻ بعد ڊاڪٽر عامر لياقت وضاحت ڪندي چيو آهي ته هو کيس گذارش ڪرڻ ويو هو ته پ پ احتجاج کان الڳ رهي ته مهرباني ٿيندي.

قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾پي ٽي آءِ جي ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جي پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي قدمن ۾ويٺل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

ڊاڪٽر عار لياقت آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ ويجهو اچي احترامن سندس قدمن ۾ ويهي رهيو، فوٽو گرافر ان لمحي کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪا تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

تصوير شيئر ٿيندي ٿيندي ڊاڪٽر عامر لياقت تائين به پهچي وئي ۽ هن معاملي جي وضاحت ڪندي چيو ته هو ڪنهن جي به قدمن ۾ نه پر عاجزي سان ويٺو، هو اٿڻ چاهي پيو پر هن کيس منع ڪيو ڇو ته هي درخواست ڪرڻ ويو هو ته پ پ احتجاج جو حصو نه ٿئي ته مهرباني ٿيندي.

عامر لياقت چيو ته عاجزي سان محبتون وڌنديون آهن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے