14 بدھ , نومبر 2018

پوليس گرديءَ جي ورچڙهيل سنڌ

ٽيون ڏينهن وارين اخبارن ۾ پنج کان ست خبرون اهڙيون آهن جن مان عوام ڏانهن پوليس جي رويئي جي چٽي طرح عڪاسي ٿئي ٿي. هڪ خبر ڀان ويجهو دادو پوليس ڳوٺ گهنگهوٽي چانڊيي تي چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن تي تشدد ۽ ٻن ڀائرن کي کنڀي کڻي وڃڻ بابت آهي. ٻي خبر خيرپور پوليس جي چوڪيدار مٿان بدترين تشدد، ٽين خبر رهڙڪي پوليس جي نوجوان تي بدترين تشدد، چوٿين خبر سجاول پوليس جي ٻن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏڻ ۽ پنجين خبر ڪراچيءَ ۾ نينگريءَ جي مارجي وڃڻ بابت آهي، خيرپور جي سينيئر صحافي خان محمد تي به پوليس جي صوبيدار طرفان بدترين تشدد ڪندي سندس ٻانهن ڀڃي ڇڏڻ خلاف صحافي سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج آهن.

ڏوهين جي آڙ ۾ بي ڏوهي گرفتار ڪري واڙي ڇڏڻ ۽ کين ڳرين رشوتن تي ڇڏي ڏيڻ جوابدار نه ملڻ تي انهن جي مٽن مائٽن کي گرفتار ڪرڻ ايتري قدر جو انهن جي گهرن مان سڀ ڪجهه ڦورن جيان کڻي اچڻ مال ماري اچڻ ۽ ڪيل يا اڻ ڪيل ڏوهه باسرائڻ لاءِ ماڻهن تي ٿرڊ ڊگري تشدد ڪرڻ تائين ۽ کين ننگو ڪري سچ پترن سان ماڻهن تي بدترين تشدد ڪرڻ نَڪَ ۾ ناڪيلي هڻڻ، چڏا چيرڻ وغيره وغيره نفسياتي ۽ جسماني تشدد جون اهي شڪليون آهن، جيڪي سنڌ ۾ پوليس متعارف ڪرائي رکيون آهن.

نه رڳو ايترو پر ڪراچي کان ڪشمور تائين ڏوهاري ته پنهنجي جاءِ تي ڪنهن بي ڏوهي جو به جيڪو جائز ڪم مثال طور نوڪري ملڻ کانپوءِ ٿاڻي ۽ ايس پي آفيس جي جيڪا ويريفڪيشن هجي ٿي، سا به ڪنهن چئو چوان ۽ سفارش سان گڏوگڏ کيسي خرچي لاڳاپيل پوليس عملدارن کي ڏيڻ کانسواءِ ٿيڻ مشڪل ته ڇا پر ناممڪن آهي، پوليس ۾ عام ماڻهو ته ڇڏيو وڪيل ڦاسي يا صحافي جو جائز ڪم ئي ڇو نه پوي سو ٿاڻي وارن کي کيسي خرچي / رشوت ڏيڻ کانسواءِ ٿيڻ ناممڪن آهي، ٿاڻن تي فريادي توڙي جوابدار کان ڀلي ڌريون ٺهي به وڃن، ٻنهي ۾ راضي نامو به ٿي وڃي، رشوت وٺڻ ڄڻ ته قانوني سمجهيو وڃي ٿو.

سو چوڻ جو مطلب ته سنڌ ۾ جتي ٻيا ادارا ۽ کاتا زوال جو شڪار آهن، پوليس جو کاتو وري انهن جي ڀيٽ ۾ اڃا به بدترين زبون حاليءَ جي ور چڙهيل آهي، دنيا جي سڌريل سماجن ۾ پوليس جو رويو عوام دوست هوندو آهي، ايتري قدر جو جنهن جي خلاف شڪايت / فرياد ٿيندي آهي تنهن سان به مثبت رويو اختيار ڪندي، قانون تحت ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، پوليس جوبدار پڪڙي ٿاڻي تي آڻيندي آهي ۽ ان خلاف عدالتي ڪارروائي جو طريقيڪار شروع ڪيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ عدالت ڄاڻي ۽ اهو جوابدار، پوليس وچ مان نڪري ويندي آهي پر اسان وٽ گنگا ئي الٽي وهندي رهي آهي، عدالتي ڪاررواين کان اڳ ئي جيڪو به ڏوهي يا بي ڏوهي ٿاڻي تي وٺي اچي ويهاريو ويندو آهي، ان کي ڇڏائڻ لاءِ ايندڙ سان ڏي وٺ ٿيڻ ته ٿاڻي جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪلچر سماج ۾ رشوت جي اهڙي ڪينسر کي جنم ڏنو آهي، جيڪا لاعلاج ٿي وئي آهي. ۽ اسان جو سڄو سماج رشوتي ڪينسر جي موذي مرض جي لپيٽ ۾ آيل آهي.

اسان وٽ پوليس جي مدي خارج قانون کي تبديل ڪرڻ پوليس آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين لاءِ چئي چوان ۽ سفارش بدران ميرٽ جي پاليسي اختيار ڪرڻ، خوف ۽ ڀوُ جي علامت بدران پوليس کي عوام دوست بنائڻ جون دعوائون ۽ ڳالهيون ته گهڻويون ٿينديون رهيون آهن پر عملي طور ان ڏس ۾ ڪا به اڳڀرائي ٿيندي ناهي ڏٺي وئي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي بنيادي ذميواري آهي، خطري هيٺ آيل ماڻهن لاءِ خطرا ٽارڻ به پوليس جي ذميواري آهي، جوا، فحاشي، منشيات، چورين چڪارين، ڌاڙن ۽ ڦرن جهڙن ڏوهن ۽ سماجي براين خلاف ڪارروائي به پوليس جي بنيادي ذميواري آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جي سماج ۾ پوليس جو ڪردار پنهنجي اصل ۽ قانوني ڪردار جي بلڪل ئي ابتڙ رهيو آهي.

فحاشي، جوا ۽ منشيات خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ بدران ان کي رشوت عيوض کين ڇڏي ڏيڻ ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ڏوهاري پالڻ، ڀتي خورن کي سوگهو ڪرڻ بدران ڀتا وٺڻ ڄڻ ته اسان وٽ پوليس جي ريت بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري ئي پوليس جي سڃاڻپ عوام دوست نه پر عوام آزار بڻجي چڪي آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوليس ۾ موجود سئو سيڪڙو ماڻهو ئي ڪو غلط يا خراب آهن، پر ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته هن کاتي جي اڪثريت جي ذهينيت هڪ جهڙي آهي، جيڪا عوام آزار روين ۽ رشوت ڪلچر کي هٿي ڏيئي ٿي، جنهن جي ڪري سماج ۾ سڌارو اچڻ بدران ويتر بگاڙو اچي ويو آهي. سو چوڻ جو مطلب ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ قانون تحت هن کي سزا به اچڻ گهرجي پر اهو سمورو ڪم قانون جي دائري ۾ رهي ٿيڻ گهرجي، پوليس قانون ۾ سڌارا آڻي پوليس کي عوام آزار بدران عوام دوست بنائڻ جي ضرورت آهي، ٿاڻي تي گارين ۽ رشوت جي ڪلچر کي ڪچلڻ جي سخت ضرورت آهي، اهو ان صورت ۾ ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن ٿاڻي تي جانور نه پر انسان ويهن اهڙا انسان جيڪي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کان به واقف هجن ته قانون کان به سو ٿاڻي تي هيٺين سطح تي عوام دوست روين کي هٿي وٺرائڻ ته پوليس تي عوام جي اعتماد کي وڌائڻ لاءِ پوليس جي تربيت جي سخت ضرورت آهي، سپاهي کان ويندي صوبيدار ۽ ڊي ايس پي توڙي مٿين سطح جي عملدارن ۽ آفيسرن کي سماجي قدرن اخلاقي قدرن، انساني حقن، ٻارن، عورتن، وڏڙن، بزرگن، ايتري قدر جو ڏوهارين جي حقن کان آگاهي ڏيڻ ۽ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٿاڻي تي ايندڙ هر ماڻهو کي سڻڀو گرهه يا جوابدار سمجهڻ واري روش پوليس جي وردي ۽ ٿاڻي کي ماڻهن لاءِ خوف جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي، سماج ۾ جيڪي تشدد جا لاڙا وڌيا آهن، هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جي جيڪا روايت پئي آهي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪرڻ پوليس طرفان جيڪو پنهنجو فرض سمجهيو وڃي ٿو، تنهن سماج ۾ بگاڙ ۽ پوليس خلاف نفرت پيدا ڪئي آهي، پوليس مٿان عوام جو اعتماد ان صورت ۾ پيدا ٿي سگهندو جڏهن پوليس سماجي براين جي تحفظ بدران انهن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي، رشوت جو ڪلچر ٿاڻي تي ختم ٿئي ۽ کاتي جي بدنامي جو سبب بڻجندڙ ڪارين رڍن خلاف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

خميس 16 آگسٽ 2018ع، 4 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

…۽ هاڻي سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي، ڳالهه ڪٿي ڇيهه ڪندي..!!؟

اڄ سنڌ ۾ صدين کان بيٺل ٻيلن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي، سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے