18 اتوار , نومبر 2018

اسد قيصر قومي اسيمبلي اسپيڪر، خورشيد شاهه کي شڪست، ن ليگ جو احتجاج، سڀاڻي وزيراعظم جي چونڊ

Asad Qaisar, leader of the National Assembly, took oath of the National Assembly speakerاسلام آبا (م ڊ) تحريڪ انصاف جو اسد قيصر قومي اسيمبلي جو 21 هون اسپيڪر چونڊجي ويو، حڪمران ڌر جو ئي قاسم سوري ڊپٽي اسپيڪر بڻجي ويو. ٻنهي حلف کڻي ورتو آهي. اجلاس ۾ مسلم ن ليگ جي ميمبرن احتجاج ڪندي اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪيو. هنن وٽ نواز شريف جون تصويرون هيون. ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هڻي رهيا هئا. هوڏانهن وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي. عمران خان ۽ شهباز شريف جا نامزدگي فارم جمع ٿي ويا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سندس اتحادي پارٽين جي گڏيل اميدوار اسد قيصر 176 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سڀ کان پهرين نئين اسپيڪر جي اليڪشن جي طريقيڪار کان ايوان کي آگاهه ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري ان اليڪشن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر طور فرض سرانجام ڏيندو. ميمبرن کي صورتخطي جي لحاظ سان واري واري سان ووٽ وجهڻ جي لاءِ گهرايو ويندو، ڪو به اميدوار پولنگ دوران ڪنهن به وقت پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهي ٿو، بيلٽ پيپر تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ مجاز آفيسر جي صحيح ۽ مهر لازمي هوندي، اسپيڪر جي عهدي جي لاءِ پي ٽي آءِ جي اميدوار اسد قيصر ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ شامل پارٽين جي گڏيل اميدوار سيد خورشيد احمد شاهه جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، اسپيڪر ٻڌايو ته اسد قيصر جو نالو رياض فتيانه ۽ فضل محمد تجويز ڪيو آهي، جڏهن ته سيد خورشيد احمد شاهه جي تجويز ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر شازيه ثوبيه، سيد نويد قمر، مسرت رفيق مهيسر، شاهده رحماني ۽ رميش لعل جا نالا شامل آهن، اسپيڪر جي اليڪشن جي لاءِ ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا جتي واري واري سان ميمبر اچي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو، اسد قيصر جي پولنگ ايجنٽ طور ڊاڪٽر عمران خٽڪ، عمر ايوب خان ۽ سيد خورشيد احمد شاهه جي پولنگ ايجنٽ طور سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ شازيه مري فرض سرانجام ڏنا، پولنگ جو عمل هڪ لڳي 51 منٽن تي ختم ٿيو، اسپيڪر ووٽن جي ڳڻپ جو حڪم ڏيندي خاص طور تي ٻنهي اميدوارن جي پولنگ ايجنٽن کي اڳتي اچڻ جو چيو، ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي اسپيڪر سردار اياز صادق نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن موجب ڪل 330 ووٽ وڌا ويا جنهن مان 8 ووٽ رد ٿيا، پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي اسپيڪر جي منصب جي لاءِ گڏيل اميدوار اسد قيصر 176 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته اپوزيشن پارٽين جي گڏيل اميدوار سيد خورشيد احمد شاهه 146 ووٽ حاصل ڪيا، ان طرح پي ٽي آءِ جو اميدوار اسد قيصر قومي اسيمبلي جو نئون اسپيڪر چونڊجي ويو، اسپيڪر سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر کان حلف ورتو.ان بعد اسد قيصر ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿي. جنهن ۾ قاسم سوري 183 ووٽ کنيا. مخالف ڌر جي اسعد محمود 144 ووٽ کنيا. قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته آئون قومي اسيمبلي جي ميمبرن طرفان پنهنجي مٿان ڪيل اعتماد تي انهن جو ٿورائتو آهيان، آئون عوام ۽ اسيمبلي ميمبرن جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ قائداعظم محمد علي جناح ۽ مولوي تميز الدين جي طرفان قائم ڪيل پارلياماني روايتن ۽ ذميدارين کي برقرار رکڻ ۽ انهن ۾ اضافي جي ڪوشش ڪندس، ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي مفادن جي لاءِ ڪم ڪيو ويندو ۽ اسان کي گڏجي عوام جي خدمت ڪرڻي پوندي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي طور تي چونڊن کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي اسد قيصر چيو ته هو الله تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪري ٿو جنهن کيس پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي تي فائز ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ ٻين پارٽين طرفان منهنجي مٿان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي انهن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته هن اسيمبلي ۾ اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق، سيد فخر امام، ڊاڪٽر فهميده مرزا، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين محمد ميان سومرو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم پرويز اشرف جهڙا سينئر اڳواڻ موجود آهن جيڪي هن ايوان جو حصو آهن، انهن جي مشاورت سان اسان اڳتي وڌنداسين ۽ قومي ايجنڊا تي ڪم ڪنداسين، قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي هن ملڪ جي خودمختيار پارليامينٽ آهي ۽ ان کي قائم رکڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي، اسان کي ماضي جو تلخ تجربو آهي پر اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته آئين، قانون ۽ 21 ڪروڙ عوام جي لاءِ جمهوريت کي قائم رکڻ جي لاءِ ڪم ڪريون. اسان جي دعا آهي ته حڪومت عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا ڪري، ملڪ ۽ عوام جي لاءِ مفيد قانونسازي ۾ اسان رڪاوٽ نه بڻجنداسين، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اپوزيشن جو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪنداسين. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پنهنجي پارٽي ۽ ايوان جي طرفان نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته هن پارليامينٽ جو تقدس بحال رکون، هن ملڪ ۾ جمهوريت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سبب اسان کي نظر اچي ٿي جنهن کي اسان قائم رکنداسين.اياز صادق مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس دور ۾ کيس جعلي اسپيڪر سڏيو ويو پر منهن ۾ گهنج نه وڌو.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے