16 جمعہ , نومبر 2018

عمران خان نااهلي ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ٻيهر ٽٽي وئي

Jhol: Pistol clean-ins using tablet dies youngاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله عمران خان نااهلي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد بئنچ هڪ دفعو ٻيهر ٽٽي وئي آهي. عمران خان جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي سربراهيءَ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ جوڙي وئي هئي. بئنچ جي ٻي ميمبر جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي جي شروعات تي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته سندس اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سان لاڳاپا رهيا آهن تنهن ڪري ڪيس نه ٿو ٻڌي سگهي. جج طرفان معذرت کانپوءِ معاملو ٻيهر چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪليو ويو آهي جيڪو نئين بئنچ جوڙيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس ڪٽاس راڄ مندر جو تلاءَ ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار خشڪ ڪيل ڪٽاس راڄ مندر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے