22 جمعرات , نومبر 2018

سُر ۽ سنگيت جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا

The head of the head and the crown Prince Shujaa, Nasrat Fateh Ali Khan, was defeated by fans since 21 years.ڪراچي(شوبز نيوز) شهنشاهه قوال ۽ موسيقي جي دنيا جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کي وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا پر سندس خوبصورت آواز جو جادو اڄ به ڪروڙين دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948ع تي فيصل آباد ۾ ڄائو. نصرت فتح علي خان 16 ورهين جي عمر ۾ صوفي قوالي جو رنگ اختيار ڪيو ۽ قوالي سان گڏ، غزل، ڪلاسيڪل ۽ صوفي گيت پڻ ڳايا.کيس موسيقي جي تمام وڏي ڄاڻ هئي هو هارمونيم، طبلو ٻيا ساز وڄائڻ جو ماهر هو. پاڪستان، ڀارت، برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي منفرد صوفي انداز سان  سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻائيندڙ استاد نصرت فتح علي خان اردو، پنجابي ۽ فارسي ٻولين ۾ قواليون ۽ غزل ڳايا جن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هن قوالين ۽ غزلن سميت ملي نغما پڻ ڳايا جن ۾ ميرا پيغام پاڪستان تمام گهڻي مشهوري ماڻي. نصرت فتح علي خان ڪيترائي ملڪي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ۽ اعزاز پنهنجي نالي ڪيا. هن کوڙ ڀارتي فلمن جي گيتن ۾ پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو، سندس مشهور گيتن ۾ ”غم هي يا خوشي هي تو ميري زندگي هي، ڪسي دا يار نا وڇڙي، يي جو هلڪا هلڪا، تمهين دل لگي ڀول جاني پڙيگي، سانو اڪ پل چين نا آئي سجنان تيري بنا“دڙڪن جو گيت دولهي ڪا سهرا سهانا لگتا جڳ مشهوري ماڻي. سندس ڪيترن ئي  قوالين ۽ گيتن کي پاڪستان ۽ ڀارت جي راڳين پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳايو آهي. قوالي جي شهنشاهه استاد نصرت فتح علي خان جگر ۽ گڙدي جي تڪليف سبب 16 آگسٽ 1997 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو پر سندس ڳايل گيت سدائين لاءِ امر ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپل شرما جي نئين شو جي پهرين مهمان جو نالو سامهون اچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارت جي مزاحيا ڪپل شرما جو مزاح سان ڀرپور پروگرام جي نئين سيزن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے