18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: لاکا روڊ: ناري جو پنهنجي مڙس ۽ ڏيرن تي ڪهڙو الزام؟

Lakaroad: Lady accused his husband and brother in laws for victimizing her* لاکا روڊ  ۾ ناري دانهيو آهي ته سندس مڙس ، ڏير ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي مٿس تشدد ڪن ٿا، سندس واهر ڪئي وڃي.

ڳوٺ امين شر بگو دڙو  جي رهواسي زاهده شر ، ماهنور  ۽ بابو شر گذريل ٽن ڏينهن کان عوامي آواز ٽي وي لاکاروڊ  جي آفيس تي فون ڪندا رهيا ته سندن واهر ڪئي وڃي سندن زندگين کي خطرو آهي.

زاهده شر عوامي آواز  ٽي وي کي ٻڌايو ته سندن ٽي مهينا اڳ سونو خان شر سان شادي ٿي .

 هن چيو ته پهرئين ڏينهن کان کيس مڙس توڙي ٻين گهر جي ڀاتين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو .

 هن ٻڌايو ته تشدد کان تنگ اچي هو مڙس جي گهران نڪري مائٽن وٽ پهچي وئي ۽ هن عدالت ۾ طلاق لاءِ درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي.

متاثر عورت ٻڌايو ته سندس ڀائرن کي توڙي کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن

 متاثر عورت زاهده شر  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي …………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے