21 بدھ , نومبر 2018

يمن ۾ سرڪاري فورسز ۽ حوثي باغين ۾ چڪريون جاري، وڌيڪ 18 ڄڻا مارجي ويا

In Yemen, the chariots continued in government forces and Hansi Baghin, more than 18 people diedحديدا(ويب ڊيسڪ) يمن ۾ سرڪاري فورسز ۽ حوثي باغين وچ ۾ چڪرين ۾ وڌيڪ 18 عام شهري مارجي ويا. يمني اختيارين ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب بحيرا احمر جي ساحلي شهر حديدا ۾ جاري ويڙهه ۾ مارجي ويل 18 عام شهرين مان 5 جو تعلق هڪ ئي  ڪٽنب سان هو. حجه گورنري ۾ سرڪاري فوج ۽ ان جي حامين مزاحمتي مليشيا طرفان اڳڀرائي ڪئي پئي وڃي.ٻئي پاسي حوثي باغي شهري آبادي تي وڏن هٿارين سان حملا ڪري رهيا آهن. حجه گورنري ۾ اڳڀرائي دوران عرب اتحادي فوج جو هوائي سهڪار پڻ حاصل آهي. ڪجهه ڏينهن دوران سرڪاري فوج حجه ۾ ڪيترائي دفاعي هنڌ باغين کان واپس وٺندي ايران نواز حوثين کي پوئتي موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے