13 منگل , نومبر 2018

نيوزيلينڊ ۾ غيرملڪين جي گهر خريدڻ تي پابندي

Restriction of buying non-housing houses in nandlandڪرائسٽ چرچ(ويب ڊيسڪ) نيويلينڊ ۾ غيرملڪي شهرين جي گهر خريد ڪرڻ تي پابند لاڳو ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيويلينڊ جي حڪومت غيرملڪين جي گهر خريد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اهي ماڻهو مهانگا گهر خريد ڪري نيوزيلينڊ ۾ موڪلون ملهائڻ ايندا آهن، جنهن سبب امير غيرملڪي جي دولت اڳيان مقامي ماڻهن کي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوندوهو. غيرملڪي شهرين جي گهر خريدڻ تي پابندي وارو قانون گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ جي پارليامنٽ مان منظور ڪيو ويو. گذريل سال نيوزيلينڊ کي سڄي دنيا جي امير ترين ماڻهن جي پسنديدا ملڪن مان هڪ قرار ڏنو ويو هو.هاليووڊ جي مشهور هدايتڪار جيمز ڪيمرون، جوليان روبرٽسن ۽ روس جي مشهور بزنسمين ميخائل ڪيمچ جي نيوزيلينڊ جي مهانگن ترين علائقن ۾ ملڪيتون آهن. جڏهن ته گذريل سال اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته آمريڪا جي مشهور آن لائن مني ٽرانسفر ڪمپني پي پال جي شريڪ چيئرمين ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي پيٽر ٿائل جي به نيوزيلينڊ ۾ نه رڳو ملڪيت آهي پر کيس حڪومت طرفان هتان جي شهريت پڻ ڏني وئي آهي. اها ڳالهه منظرعام تي اچڻ بعد ان حوالي سان قانون جوڙيو ويو جيڪو گذريل ڏينهن پارليامنٽ مان منظور ڪيو ويو آهي. نيوزيلينڊ جي ناڻي واري وزير ڊيوڊ پارڪر جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جا گهر مقامي ماڻهن لاءِ آهن اهي ڪنهن عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو لاءِ ناهن رکيا ويا. آڪلينڊ ۽ ڪوئين اسٽون ليڪ اهي ٻئي علائقا نيوزيلينڊ جا مهانگا ترين علائقا آهن جتي اميرترين غيرملڪين گهر خريد ڪيا آهن. پرڏيهي شهرين جي اچڻ ۽ سيڙپڪاري جا اثر رئيل اسٽيٽ جي اگهن تي پڻ پيا آهن ۽ گذريل ڏهن ورهين دوران گهرن جي اگهن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. واضح رهي ته اهڙي پابندي بعد  هاڻ گهر خريدڻ وقت مقامي ماڻهن کي امير پرڏيهي شهرين جي دولت اڳيان شرمساري محسوس نه ڪرڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khashoggi murder: Pompeo tells crown prince the US will hold all involved accountable

آمريڪا جو سعودي عرب کان خاشقجي قتل جي سمورن ڪردارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے