18 اتوار , نومبر 2018

ڪئنڊا سعودي ڇڪتاڻ تي نظرآهي، سعودي سان گڏ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ڪئنيڊا وچ م سفارتي ڇڪتاڻ کي گهري نظر سان ڏسي رهيا آهيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر هفتيوار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان سعودي عرب سان بيٺو آهي. هن چيو ته عمران خان جي ڀارتي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات جي خبر هئي، نريندر موديءَ جو پاڪستان بابت بيان رد ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم جو بيان نئون ناهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽرفيصل چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي ڪميشن آف انڪوائري کي دوري جي اجازت ڏي، پاڪستان ڪلڀوشن ياديو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ وڙهندو.  هن چيو ته افغانستان جي علائقي غزني ۾ ڌماڪي جو الزام درست ناهي، پاڪستان افغانستان جي بي بنياد الزامن کي رد ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مسلسل چئي رهيو آهي ته افغان امن جو رستو ڳالهيون ئي آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے