16 اتوار , دسمبر 2018

ذهين سافٽ ويئر جيڪو ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جيان بيماري جي سڃاڻپ ڪندو آهي

Zune Software that identifies an illness diagnosis doctorلنڊن(ويب ڊيسڪ)ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي جديد شڪل هٿرادو ذهانت يا آرٽيفيشل انٽيليجنس کي طب ۾ استعمال ڪندي هڪ اهڙو سافٽ ويئر ٺاهيو ويو آهي جيڪو ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جيان اکين جي 10 مرضن جي نه صرف سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو پر مريض کي بيماري جي علاج بابت فائديمند مشورا به ڏيندو آهي.هٿرادو ذهانت يا اي آءِ جي ان پروگرام کي تربيت ڏيڻ لاءِ 15 هزار کان وڌيڪ مريضن جي ڊيٽا کڻي سافٽ ويئر کي ان تي تربيت ڏياري وئي آهي.ان ۾ ڪيترن ئي مريضن جي ريٽينا اسڪين جي ڊيٽا جمع ڪئي وئي هئي جنهن کي او سي ٽي اسڪين به چيو ويندو آهي.ان ڪمپيوٽر نظام جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته بروقت سڃاڻپ ڪري ان سان ڪيترن ئي ماڻهن جي نظر بچائي سگهجي ٿي.ڇو ته اکين جي مرض جي بروقت سڃاڻپ ڪري اکين جي ڪيترن ئي مرضن کان بچي سگهجي ٿو.اهو سافٽ ويئر 94 سيڪڙُ ڪيسن ۾ اکين جي 50 بيمارين جي درست نشاندهي به ڪري سگهي ٿو، سافٽ ويئر هنگامي حالت مثال طور اکين جي ريٽينا ۾ سوراخ يا ميڪيولر ڊي جنريشن جي صورت ۾ فوري تي ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي مريض کي پهريان توجهه جي ضرورت آهي.ان ٽيڪنيڪ جو شريڪ سربراهه ڊاڪٽر مصطفيٰ سليمان آهي جيڪو چوي ٿو ته تمام جلد هٿرادو ذهانت کي استعمال ڪندي پوري دنيا ۾ اکين جي مرضن جي سڃاڻپ ۾ استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.ان کي ٺاهيندڙ ٽيم موجب ايندڙ ٽن سالن ۾ برطانيه جون 30 کان وڌيڪ اسپتالون ان ٽيڪينڪ کي استعمال ڪري رهيا هونديون، اهڙي طرح اک، دماغ ۽ ٻين ڪيترن ئي مرضن جي سڃاڻپ ۾ هٿرادو ذهانت ڊاڪٽرن جي مددگار ۽ معاون ثابت ٿي سگهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي دماغ جا وڏا فائدا سامهون اچي ويا

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ هالينڊ جي ماهرن چيو آهي ته وڏو انساني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے